جامع سنڌي
لغات (اليڪٽرانڪ
ورزن)
’جامع
سنڌي لغات‘
ترتيب ڏيڻ جو ڪم
سنڌ جي ماهر
لسانيات جناب ڊاڪٽر
نبي بخش خان
بلوچ صاحب سنڌي
ادبي بورڊ
طرفان
1952ع ڌاري شروع ڪيو
۽ رات ڏينهن
جي محنت سان
ان جو مسودو 1954ع جي
آخر ۾ مڪمل ڪري
ورتو. ان لغت
جو پهريون ڇاپو
سنڌي ادبي بورڊ
طرفان 1960ع ۾
شايع ٿيو، ٻيو ڇاپو
1995 ۾ پڌرو ٿيو.
بعد ۾ ساڳي ڊڪشنريءَ
کي ڊاڪٽر صاحب
وڌايو ۽
سنواريو، جيڪا
پوءِ سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي
۽ سنڌي ادبي
بورڊ طرفان 2007
تائين جدا جدا
شايع ٿي.
جيئن ته
سنڌي ٻوليءَ آڏو
نئين ۽ تيز رفتار
دور جا چئلينج
موجود آهن ۽
سنڌي ٻوليءَ ۾
ڪمپيوٽر جو
استعمال ڪافي
عام ٿيندو پيو
وڃي، انڪري
ضرورت محسوس ٿي
رهي هئي ته
’جامع سنڌي
لغات‘ کي اليڪٽرانڪ
ورزن ۾ آڻجي
ته جيئن سنڌي ٻولي
گهر گهر ۾ ڪمپيوٽر
تي موجود هجي ۽
لفظن جو ٺيڪ ٺيڪ
۽ بامعنيٰ
استعمال ممڪن ڪجي.
ان چئلينج
کي منهن ڏيڻ
لاءِ ’جمال ابڙو
اڪيڊمي‘
پاران
سنڌي
لئنگئيج اٿارٽيءَ
سان رابطو ٿيو،
صلاح مشوري
سان ان خيال
کي عملي شڪل ڏيڻ
جو ڪم هٿ ۾
کنيو ۽ رات ڏينهن
جي محنت سان
جامع سنڌي
لغات
جي نئين ڇاپي
کي بنياد
بنائي اسٽينڊرڊ
يونيڪوڊ تي ٻيهر
ڪمپوز ڪيو
ويو. بعد ۾ ان
مواد لاءِ سافٽ ويئر
تيار ڪيو ويو.
هن سافٽ
ويئر جون خاص
خاص وصفون هن
ريت آهن:
● اهو سافٽ
ويئر اِنسٽال ڪرڻ
سان سنڌي
ٻوليءَ جو ڪوبه
لفظ، جيڪو
جامع سنڌي
لغات ۾
مکيه /
بنيادي لفظ (headword) طور
داخل ڪيو ويو
آهي، ان جي
معنيٰ ڪجهه سيڪنڊن
۾ حاصل ڪري
سگهجي ٿي.
● ان
پروجيڪٽ لاءِ
جامع سنڌي
لغات
جي تازي ايڊيشن
کي بنياد
بنائي، سمورو
مواد اسٽينڊرڊ
يونيڪوڊ ۾ ٻيهر
ٽائپ ڪيو ويو ۽
پوءِ ان کي
سافٽ ويئر جي
ذريعي مربوط ڪري
استعمال جوڳو ڪيو ويو آهي.
● هن سافٽ
ويئر ۾ جامع
سنڌي لغات ۾
’هيڊ ورڊ‘ توڻي
محاورن طور
استعمال ٿيل 80000
کان مٿي لفظ
لغات ۾ ڏنل
زيرن زبرن
مطابق ڏنا ويا
آهن. پر جيئن
ته اڪثر
ماڻهو
لفظن جي درست
اچار کان واقف
نه هوندا آهن،
انڪري
هن سافٽ ويئر
۾ اهو بندوبست
رکيو ويو آهي
ته ڪو به لفظ
زيرن
زبرن جي
استعمال کان
سواءِ
ئي ڳوليو وڃي، پر جنهن
وقت ان جي معنيٰ
سان ظاهر ٿئي
تڏهن اهو
پنهنجي ٺيڪ ٺيڪ
اچار يعني
زيرن زبرن سان
پڙهڻ ۾ اچي.
● هن سافٽ
ويئر ۾ اها به ڪوشش
ڪئي وئي آهي
ته ڪنهن به
لفظ بابت وياڪرڻي
وضاحتون يا ان
جي لهجي جو اصل ٻڌائيندڙ
نشانيون جدا
رنگن ۾ نظر
اچن.
اميد آهي
ته پيار جو هي
پورهيو قبول
پوندو.
ڊاڪٽر
فهميده حسين چيئر
پرسن سنڌي
لئنگئيج اٿارٽي،
حيدرآباد بدر ابڙو جمال ابڙو
اڪيڊمي ڪراچي.